ڪرڪيٽر حسن علي جي امڙ ڦورن هٿان ڦرجي وئي

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا ۾ قومي ڪرڪيٽر حسن علي جي امڙ سان ڦر جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي.
قومي ڪرڪيٽر حسن علي جي ڀاءُ خرم موجب، سندس امڙ بازار وڃي رهي هئي ته رستي ۾ ٻن موٽر سائيڪل سوار ڦورو کائنس فرار ٿي ويا، جنهن ۾ 2 لک 30 هزار رپين جي روڪ رقم موجود هئي.
واقعي کانپوءِ پوليس علائقي ۾ ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي ڳولا جاري آهي ۽ کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.