تهران (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني وچ ۾ تهران ۾ ٿيل ملاقات دوران زائرين جي سهولت لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا، جن موجب پاڪ-ايران سرحد اربعين ۽ محرم دوران زائرين لاءِ 24 ڪلاڪ کليل رهندي.
ملاقات دوران ٻنهي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪ-ايران سرحد مذهبي موقعن خاص ڪري اربعين ۽ محرم ۾ زائرين لاءِ بنا رنڊڪ جي 24 ڪلاڪ کليل رهندي.
ايراني گهرو وزير جو چوڻ هو ته ايران حڪومت 5 هزار پاڪستاني زائرين کي مشهد شريف ۾ رهائش ۽ طعام جون سهولتون فراهم ڪندي ۽ انهن زائرين لاءِ بارڊر کان وٺي عراق تائين خاص انتظام به ڪيا ويندا.
ملاقات دوران زائرين جي مسئلن جي فوري حل لاءِ هڪ ”هاٽ لائن“ قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته مشهد ۾ پاڪستاني زائرين بابت پاڪستان، ايران ۽ عراق جي گهرو وزارتن جي ٽن ملڪن واري گڏجاڻي ڪرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.
زائرين جي تحفظ لاءِ اُڏامن جي انگ وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، جنهن لاءِ جلد لائحه عمل جوڙيو ويندو، ان سان گڏ محسن نقوي ۽ اسڪندر مومني وچ ۾ سمنڊ رستي به زائرين کي ايران ۽ عراق موڪلڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا.
ان ملاقات ۾ پاڪ-ايران لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار جي واڌاري بابت به ڳالهيون ٿيون، گڏوگڏ غير قانوني چرپر، انساني سمگلنگ ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ گڏيل ڪوششن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.
ايراني گهرو وزير چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي ايران لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿي، زائرين جي خدمت هڪ مذهبي فرض آهي.
محسن نقوي چيو ته زائرين کي سهولتن جي فراهمي تي ايراني حڪومت جا ٿورائتا آهيون.
Prev Post
Next Post
You might also like