مورو واقعي جي جاچ لاءِ عرفان بلوچ جي سربراھي ۾ 5 رڪني ڪميٽي قائم

ڪراچي(رپورٽر) مورو واقعي جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جي سربراھي ۾ 5 پوليس آفيسرن تي مشتمل جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آھي، ڪميٽي ۾ اي وي ايل سي (سي آءِ اي) ڪراچي جو ايس ايس پي امجد شيخ،  شھيد بينظير آباد جو ايس ايس پي شبير سيٺار، ڊي ايس پي (سي آءِ اي) حيدرآباد افتخار ٻرڙو ۽ سب انسپيڪٽر حيدرآباد رينج نيڪ محمد کوسو کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آھي، جوڙيل ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي نوٽيفڪيشن ذريعي ھدايت ڪئي وئي آھي ته 20 مئي تي مورو ۾ پيش آيل واقعي جي حقيقتن کان معلوم ڪيو، صورتحال تي پوليس جي جوابي ڪارروائي جو جائزو وٺي ذميواري مقرر ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ اھڙي ناخوشگوار واقعي کي روڪڻ لاءِ اصلاحي اپائن بابت تجويز ڪرڻ آھي، ڪميٽي کي 7 ڏينھن ۾ جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، اھڙو نوٽيفڪيشن آءِ جي سنڌ پوليس پاران جاري ڪيو ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.