حيدرآباد( پ ر)جيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض علي چانڊيو سنڌ حڪومت طرفان 20 مئي تي مورو جي قتل عام متعلق ڊي آءِ جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي کي مڪمل رد ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جيڪا پوليس جي ڪميٽي جوڙي آھي اھا زاھد لغاري ۽ عرفان لغاري جي بيگناهه ٿيل خون کي لوڙهڻ جي ھڪڙي سازش آھي ۽ بيگناھن کي گرفتار ڪري انھن ھنن خونن ۾ ملوث ڄاڻايو ويندو ان ڪري اسان پھرين ڏينھن کان مطالبو ڪيو هيوسين ته موري سانحي جي شھيدن يا ھن سڄي لنجار ھائوس جي سڙڻ واري واقعي جو حڪومت ڊرامو ڪيو آھي ان جون سڀ سچايون ظاھر ٿين سيشن جج مورو ۽ سنڌ ھاء ڪورٽ جي سينيئر جج تي مشتمل ٽي رڪني جڊيشل انڪوائري جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي هن چيو ته وڪيل ڀائرن کي عرض ڪندس تـ ضياء لنجار جنرل ڊائر ۽ جنرل ضياء وانگر قاتل آھي ساڻن ڳالھيون نـ ڪيون وڃن اسين مطالبو ٿا ڪريون تـ ضياء لنجار کي فورن سندس عھدي تان ھٽائي قانون جي حوالي ڪيو وڃي