ڪراچي لاءِ وڏي سولر منصوبي جي منظوري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي توانائي، ترقيات ۽ رٿابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي لاءِ وڏي سولر منصوبي جي  منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نيپرا ڪراچي لاءِ 270 ميگاواٽ جي 2 سولر منصوبن جي منظوري ڏني آهي، جن مان 120 ميگاواٽ جو سولر منصوبو ديهه هلڪاڻي ۾ لڳايو ويندو ۽ 150 ميگاواٽ جو منصوبو ديهه مٺو گار ۾ لڳايو ويندو، ناصر شاهه چيو ته 270 ميگاواٽ جي سولر منصوبن جي منظوري نه فقط عوام کي سستي بجلي جي فراهمي ۾ مددگار ثابت ٿيندي پر ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ تي به ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

  • ملڪ جي مختلف حصن ۾ تيز برسات، 4 ڄڻا فوت

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، سوات ۽ لوئر ڪوھستان سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ گجگوڙ ۽ طوفان سان گڏ تيزبرساتون ٿيون، جنهن دوران مختلف حادثن ۾ 2 سالن جي ٻار سميت 4 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، وفاقي راڄڌاني جي مختلف علائقن ۾ تيز هارين سان گڏ برسات ٿي، راولپنڊي جي مختلف علائقن ۾ برسات برسات سان ڳڙن جو وسڪارو ٿيو، جڏهن ته وڻ ۽ سائن بورڊ ڪرڻ سبب ڪيئي گاڏين کي به نقصان پهتو، پشاور  جي علائقي متني ۾ ڇت ۽ ڀتين جي ڪرڻ سبب 3 ماڻهو زخمي ٿيا جڏهن ته ٻين حادثن ۾ 2 ماڻهو زخمي ٿيا، جن کي طبي امداد ڏئي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اهڙي طرح شانگلا ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جو وسڪارو ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.