جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي پاران جاچ ڪميٽي رد

حيدرآباد( پ ر)جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي مورو واقعي تي پوليس جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي کي رد ڪري ڇڏيو. جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي قيادت نواز خان زئور، رياض علي چانڊيو، اسلم خيرپوري، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ سورهيه سنڌي گڏيل موقف جاري ڪندي چيو آهي ته  مورو  سانحي جي حوالي سان اڻڌري جانچ ڪرڻ لاءِ رهبر ڪميٽي شروع کان ئي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي گهر ڪندي رهي آهي. اسان رڳو هائي ڪورٽ جي ڪنهن سينيئر جج جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪميشن تي ئي اعتبار ڪري سگهون ٿا. پوليس هن معاملي تي اڳ ۾ ئي ڌر بڻيل آهي، ان مان انصاف جي اميد نٿي ڪري سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.