مورو واقعي جي عدالتي جاچ ڪرايو:وڪيل اڳواڻ

حيدرآباد(  رپورٽر)ڪارپوريٽ فارمنگ، تڪراري 6 ڪئنالن جي رٿا، مورو سانحو ۽ سنڌ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي خلاف آل سنڌ  لائيرز ايڪشن ڪميٽي جو حيدرآباد ۾ اجلاس نامياري ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ جي صدارت ۾ رات ديرتائين جاري ھو اجلاس ۾ ڪراچي ھاءڪورٽ حيدرآباد ھاء ڪورٽ بار سميت سنڌجي مختلف ضلعن مان ڊسٽرڪٽ بار جااڳواڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا اجلاس ۾ مورو سانحي جي واقعي بابت جائزو ورتو ويو انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو جائزو ورتو ويو اڳواڻن طرفان ڄاڻيل معاملن بابت تجويزون ڏيڻ جوسلسلو جاري اجلاس رات جاري ھو،اشعر مجيد کوکر چيو ته مورو واقعي جي پوليس جاچ قبول نه هوندي،عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، مورو واقعي تي خاموش نه هئاسين،عرفان لغاري جي لاش سان گڏ هئاسين،اطهر عباس سولنگي چيو ته مورو واقعي تي ڪميٽي ڪميٽي نه کيڏو،قاتل گرفتار ڪيا وڃن،ڪنهن جا ٻچا يتيم ڪرڻ،ڪنهن ماءُ جي جهولي خالي ڪرڻ،ڪنهن کي بيواهه ڪري ڇڏڻ تمام مذمت جوڳو عمل آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.