وسيم اڪرم ٽيسٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ طور يونس خان جي حمايت ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم، قومي ٽيسٽ ٽيم جي نئين ڪوچنگ سيٽ اپ لاءِ يونس خان جي نالي جي حمايت ڪري ڇڏي.
ڪراچيءَ ۾ هڪ تقريب دوران ڳالهائيندي وسيم اڪرم پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين ايڊيشن ۽ قومي ٽيم جي مستقبل جي ڪوچنگ بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته يونس خان ٽيسٽ ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ طور سٺو آپشن هوندو، ڇو ته هو نوجوان رانديگرن جي سوچ بدلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو.
ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر جيسن گليسپي جي وڃڻ کانپوءِ عاقب جاويد کي ريڊ بال (ٽيسٽ فارميٽ) لاءِ عارضي ڪوچ مقرر ڪيو هو.
ٻئي پاسي، پي سي بي اڳوڻي فاسٽ بالر کي هاءِ پرفارمنس ڊائريڪٽر مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته مائڪ هيسن کي وائٽ بال (ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي) ٽيم جو هيڊ ڪوچ بڻايو ويو آهي.
مائڪ هيسن جي حيثيت ۾ پهرين اسائنمنٽ 28 مئي کان 1 جون تائين ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز هوندي، جيڪا پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ کيڏي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.