ملڪ ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر نه آيو، عيدالاضحيٰ ست جون تي ٿيندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ(ملڪ ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر نه آيو، عيدالاضحيٰ 7 جون ڇنڇر جي ڏينهن ٿيندي.
مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اعلان موجب، ملڪ جي ڪنهن به حصي مان ذوالحج جو چنڊ نظر نه آيو، جنهن بعد عيدالاضحيٰ 7 جون، ڇنڇر ڏينهن ملهائي ويندي.
مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس کانپوءِ عبدالخبير آزاد ٻڌايو ته پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ موسم جهڙالي رهي ۽ ڪٿي به چنڊ ڏسڻ شاهدي نه ملي.
سندس چوڻ هو ته گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو آهي ته ذوالحج جي پهرين تاريخ 29 مئي، خميس ڏينهن هوندي ۽ عيدالاضحيٰ ڇنڇر، 7 جون تي ملهائي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.