اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وڌندڙ تڪرار دوران سفارتي مشن لاءِ قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽي پنهنجي پرڏيهي دورن جو شيڊيول فائنل ڪري ڇڏيو، جنهن تحت بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ وفد 30 مئي تي آمريڪا روانو ٿيندو.
ذريعن موجب، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سرڪاري دوري تي 30 مئي تي آمريڪا پهچندو، جتي هو 2 جون کان آمريڪي اختيارين سان ملاقاتون ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پارلياماني وفد آمريڪي اختيارين کي ڀارت جي ڊس انفارميشن مهم ۽ فارين انفلوئنسڊ آپريشن بابت آگاهه ڪندو، جڏهن ته ڪميٽي 9 جون تائين آمريڪا ۾ ترسندي.
ذريعن موجب، پاڪستاني وفد آمريڪي اختيارين آڏو ڀارت سان وڌندڙ تڪرار تي پاڪستان جو موقف به پيش ڪندو، جنهن کانپوءِ ڪميٽي 9 جون تي آمريڪا کان برطانيا لاءِ رواني ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پارلياماني ڪميٽي برطانيا کان پوءِ يورپي ملڪن جو دورو پڻ ڪندي.
پاڪ-ڀارت تڪرار: پاڪستان جو موقف پيش ڪرڻ لاءِ بلاول جي قيادت ۾ وفد جي پرڏيهي دورن جو شيڊيول پڌرو
You might also like