عالمي گرمي پد ۾واڌ سبب عورتن ۾ ڪينسر جي مختلف قسمن جو خطرو وڌي رهيو آهي.
اِها ڳالهه هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
مصر جي آمريڪن يونيورسٽي جي تحقيق موجب، وچ اوڀر۽ اتر آفريقا ۾ گرمي پد وڌڻ سبب عورتن ۾ ڇاتيءَ، رحم ۽ ٻين قسمن جا ڪينسر وڌيڪ عام ۽ موت جا سبب بڻجي رهيا آهن.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪيسن جي شرح ظاهري طور تي گهٽ آهي، پر هيءَ واڌ انڪري اهم آهي ڇو ته ان سان ڪينسر سبب متاثر ٿيڻ ۽ موت جي خطري جو اشارو ملي ٿو.
موسمياتي تبديليون صحت لاءِ هاڃيڪار آهن، عالمي گرمي پد ۾ واڌ، خوراڪ ۽ پاڻي جي فراهمي ۾ مشڪلاتون ۽ خراب فضائي معيار دنيا ۾ مختلف بيمارين ۽ موت جي شرح وڌائڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن.
” فرنٽيئرز ان پبلڪ هيلٿ“ رسالي ۾ ڇپيل تحقيق ۾ قدرتي آفتن سبب به انفراسٽرڪچر سميت طبي سهولتن واري نظام تي پوندڙ ناڪاري اثرن جو پڻ مشاهدو ڪيو ويو .
ان کانسواءِ تحقيق ۾ موسمياتي تبديلين ۽ عورتن ۾ ڪينسر جي خطري جي وچ ۾ تعلق جو جائزو ورتو ويو.
محققن 1998 کان 2019 تائين وچ اوڀر۽ اتر آفريقا جي 17 ملڪن ۾ ڇاتي، رحم ۽ ٻين قسمن جي ڪينسر جي ڪيسن ۽ موت جي انگن اکرن جو جائزو ورتو.
انهن ملڪن ۾ الجزائر، بحرين، مصر، ايران، عراق، اردن، ڪويت، لبنان، ليبيا، مراڪش، قطر، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب رياستون شامل آهن، جتي موسمياتي تبديلين ۾ شدت سان اضافو ٿي رهيو آهي.
تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جسماني طور عورت مرد جي ڀيٽ ۾ موسمي خطرا ۽ صحت جا مسئلا وڌيڪ محسوس ڪري ٿي، خاص طور جڏهن ڳورهاري هوندي آهي.
ان کانسواءِ عورتن کي طبي سهولتن تائين مردن وانگر رسائي حاصل ناهي هوندي، جنهن سبب بيمارين جو خطرو وڌي ٿو.
نتيجن موجب، هر هڪ ڊگري سينٽي گريڊ گرمي ۾ واڌ سان هڪ لک ماڻهن ۾ سراسري ڪينسر ڪيسن جو انگ 173 کان 280 ٿي ويو ۽ موت جي انگن اکرن ۾ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي .
محققن موجب، عورتن ۾ خاص ڪري ڇاتيءَ ۽ رحم جي ڪينسر سبب موت جي شرح وڌي رهي آهي.
قطر، بحرين، اردن، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ شام ۾ ڪينسر جي ڪيسن ۽ موت شرح ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ان جو سبب اِهو آهي انهن ملڪن ۾ گرمي پد تمام گهڻو وڌي ويو آهي يا اهڙا عنصر آهن جيڪي اڃان مڪمل طور نه ڄاتا ويا آهن.
تحقيق موجب، گرمي صحت تي مختلف طريقن سان اثر انداز ٿئي ٿي، ڪينسر وڌائڻ وارن مادن سبب متاثر ٿيڻ جو امڪان وڌي ٿو، سيلز جي سطح تي حياتياتي عملن تي به اثر پوندا آهن.