ڪراچي: شهر جي نالن ۾ ڪچرو اُڇلائڻ تي قلم 144 لاڳو، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهر جي نالن ۾ ڪچرو اُڇلائڻ تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
ڪمشنر ڪراچي جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، نالن ۾ ڪچرو اُڇلائڻ تي 26 مئي کان 24 جولاءِ تائين پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته برسات جي موسم ۾ نالن ۾ ڪچرو اُڇلائڻ سبب پاڻي جي نيڪال ۾ رنڊڪ پيدا ٿئي ٿي، جيڪا نالن جي بندش ۽ ماحولياتي گدلاڻ جو سبب بڻجي ٿي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ان لاءِ لاڳاپيل پوليس اسٽيشنن جي ايس ايڇ اوز کي اجازت ڏني وئي آهي ته قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قلم 188 تحت ڪيس داخل ڪري سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.