اڳوڻي مڙس ۽ سندس زال سان سٺا لاڳاپا آهن، ٻي شادي لاءِ پٽ راضي ڪيو: ماهرا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپر اسٽار ماهرا خان چيو آهي ته ٻي شادي ڪرڻ کان اڳ گهڻا خدشا هئا، پر سندسي پٽ اذلان ئي کيس شادي لاءِ مڃائي ورتو.
ويجهڙ ماهرا خان اداڪار ۽ ميزبان احمد علي بٽ جي پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ايندڙ فلم”لو گرو“ سميت مختلف موضوعن تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
انٽرويوءَ دوران فواد خان بابت ڳالهائيندي ماهرا چيو ته ” اسين ٻئي سٺا دوست آهيون ۽ فواد جي هڪ عادت جيڪا مون کي ڏاڍي وڻندي آهي، هو منهنجي آڏو جهڙو آهي تهڙو ئي هوندو آ “
خليل الرحمان قمر سان ماضيءَ جي تڪرار بابت ڳالهائيندي ماهرا اعتراف ڪيو ته ”ان معاملي ۾ منهنجي به غلطي هئي، سڌي ريت پيغام ڏيڻ بدران مان سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪري ڇڏي جيڪا نه ڪرڻ گهرجي ها، مون کي ڏاڍي ڪاوڙ هئي، تنهنڪري اِها ٽوئيٽ ڪئي جيڪا پوءِ تڪراري بڻجي وئي. “
پنهنجي ٻي شادي بابت اداڪارا ٻڌايو ته ”مان ٻيهر شادي ڪرڻ کان ڊنل هيس، مون کي ڊپ هو ته شادي کانپوءِ اداڪاري کي الوداع چوڻ پوندو ۽ پٽ اذلان جي به ڳڻتي هئي ته هو ان تي ڪهڙو ردعمل ڏيندو.“
هن وڌيڪ چيو ته ” مان چاهيان ٿي ته جنهن شخص سان مان شادي ڪريان، اهو منهنجي پٽ اذلان سان رڳو ان ڪري نه جُڙي جو هو منهنجو پٽ آهي، پر سندن وچ ۾ هڪ الڳ ۽ خاص رشتو هئڻ گهرجي ۽ خوشي جي ڳالهه آهي ته منهنجي اها خواهش پوري ٿي، جڏهن ته ٻي شادي لاءِ اذلان ئي راضي ڪيو.“
ماهرا خان اهو به اعتراف ڪيو ته ” پهرين مڙس علي ۽ سندس زال سان منهنجا سٺا لاڳاپا آهن، مان خوش آهيان ته منهنجي اِها شادي ٿي، ڇو ته ان مان مون کي اذلان جي صورت ۾ زندگي جي بهترين نعمت ملي.“
واضح رهي ته اداڪاره هن وقت عيد الاضحيٰٰ تي رليز ٿيندڙ پنهنجي نئين مزاحيه فلم ”لو گرو“ جي مشهوري مهم ۾ رڌل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.