نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي جماعت آل انڊيا ترنمول ڪانگريس جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير يشونت سنها پهلگام واقعي کي ڊرامو قرار ڏيندي مودي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
يشونت سنها ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته هي حملو ڪنهن به ٻاهرين مداخلت يا دهشتگردي وارو عمل نه هو، پر بي جي پي پي جي چونڊ مهم جو حصو هو.
هن جو چوڻ هو ته مودي حڪومت بهار جي ايندڙ چونڊن ۾ عوامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ قومي سلامتي جي جذبن جو استعمال ڪري رهي آهي.
اڳوڻي پرڏيهي چيو ته گذريل چونڊن ۾ به پلواما جي صورت ۾ سياسي فائدي لاءِ هڪ ڊرامو رچايو ويو، ڀارتيه جنتا پارٽي پلوما جي شهيدن جي نالي ووٽ حاصل ڪيا، هاڻي وري ساڳيو ئي طريقو ٻيهر اپنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
واضح رهي ته والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ 26 ڀارتي سياحن جي قتل کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار وڌي ويو هو. ڀارت ان واقعي کانپوءِ سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ سميت ڪيترائي فوجي قدم کنيا هئا، جن جي جواب ۾ پاڪستان به اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪئي هئي.