” پئسي لاءِ ماڻهو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو“ سڪندر رضا جي ڊرامائي واپسي تي عماد وسيم جو ردعمل

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر عماد وسيم زمبابوي سان واسطو رکندڙ پاڪستاني ڄائي ڪرڪيٽر سڪندر رضا جي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ٽيم لاهور قلندرز سان ڪميٽمينٽ کي پئسن سان جوڙي ڇڏيو.
هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ جتي اڳوڻو فاسٽ بالر شعيب اختر به موجود هو، عماد وسيم کان سوال پڇيو ويو ته سڪندر رضا کي هڪ لفظ ۾ ڪيئن بيان ڪندئو؟
جواب ۾ عماد وسيم چيو” جيئن شعيب اختر چيو ته پئسو ماڻهو کان سڀ ڪجهه ڪرائي سگهي ٿو، منهنجي به سڪندر رضا جي ڪميٽمينٽ بابت ساڳي راءِ آهي.“
هن واضح ڪندي چيو ته ” جيڪڏهن توهان کي معاوضو ملي رهيو آهي ته اوهان ضرور ويندئو، مان به ائين ڊگها سفر ڪندو آهيان.“
عماد وسيم وڌيڪ چيو ته ” ڪڏهن ڪڏهن هڪ ميچ ختم ٿيندي آهي ۽ ٻئي توهان ٻئي ملڪ ۾ ٻي ميچ کيڏندا آهيو. مان پاڻ 24 ڪلاڪ سفر ڪرڻ کان پوءِ سڌو ميدان تي ميچ پڻ کيڏيو آهيان، پئسو الائي ڇا ڇا ڪرائي سگهي ٿو.“
عماد وسيم سڪندر رضا جي واکاڻ ڪندي چيو ته ”هو بهترين ڪرڪيٽر آهي گذريل ڪجهه سالن کان هو سڄي دنيا ۾ لاڳيتو بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي.“
اڳوڻي آل رائونڊر چيو ته ” سڪندر پنهنجي ٽيم لاءِ آءِ ايل ٽي 20 جو فائنل به کٽيو، هو سٺو انسان ۽ ٽيم جو لاجواب رانديگر آهي.“
واضح رهي ته سڪندر رضا جي پي ايس ايل 10 جي فائنل ۾ قلندرز جي ٽيم ۾ اوچتو واپسي ڪئي ۽ ميچ وننگ اننگ کيڏي ٽيم کي ٽرافي چيمپيئن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ سندس ڪميٽمينٽ جا سڄي دنيا ۾ چرچا آهن.
سڪندر رضا فائنل ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز خلاف ٽاس کان رڳو ڪجهه منٽن اڳ لاهور پهتو هو، هو ناٽنگھم ۾ انگلينڊ خلاف واحد ٽيسٽ ميچ لاءِ زمبابوي جي نمائندگي ڪري رهيو هو، جنهن سبب سندس فائنل ۾ شرڪت غير يقيني هئي، پر واپسي تي هن ٽيم لاءِ فيصلائتي ڪارڪردگي ڏيکاري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.