مورو (ويب ڊيسڪ) شهيد عرفان لغاري جو مڙهه وارثن حوالي ڪرڻ بابت عدالتي حڪم جي غلط تشريح تي سيشن جج نديم بدر قاضي طرفان ايس ايس پي نوشهرو فيروز بشير احمد بروهي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
عدالتي نوٽيس جي متن موجب چيو ويو آهي ته عدالت واضع هدايت ڏني هئي ته مارجي ويلن جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا وڃن يا جيڪڏهن وارث موجود نه هجن ته ڪنهن اين جي او ذريعي تدفين ڪرائي وڃي، پر ان جي ابتڙ پوليس عدالتي حڪم جي ڄاڻي واڻي غلط تشريح ڪندي حڪم تي عملدرآمد نه ڪري سگهي.
نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس طرفان اهڙو ڪو به رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ته عرفان لغاري جي وارثن سندس مڙهه وٺڻ کان انڪار ڪيو هو.
عدالت نوٽيس ۾ چيو آهي ته سوشل ميڊيا ۽ خبرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پوليس طرفان عوام کي گمراهه ڪيو ويو آهي ته عدالت عرفان لغاري جي مڙهه کي ’لاوارث‘ قرار ڏنو آهي، جڏهن ته حقيقت اِها آهي ته عدالت طرفان اهڙو ڪو فيصلو نه ڏنو ويو، نه ئي پوليس کي اجازت ڏني وئي ته هو وارثن جي مرضيءَ کانسواءِ مڙهه دفن ڪن.
عدالت ايس ايس پي بشير احمد بروهي کي هدايت ڏني آهي ته هو شوڪاز نوٽيس جو لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ۽ ذاتي حيثيت ۾ 29 مئي تي عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو موقف پيش ڪري.
شهيد عرفان لغاري جو مڙهه وارثن حوالي نه ڪرڻ تي ايس ايس پي نوشهرو فيروز کي شوڪاز نوٽيس جاري
You might also like