ڪوچي( ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ مقامي اختيارين تيل ۽ خطرناڪ مواد سان ڀريل جهاز جي سامونڊي ڪناري ويجهو ٻڏي وڃڻ ۽ ان مان مواد ليڪ ٿيڻ کانپوءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، لائبيريا جو هي ڪارگو جهاز آچر ڏينهن ڪيرالا جي سامونڊي شهر ڪوچي جي ويجهو ٻڏي ويو، جهاز وزِنجم بندرگاهه کان ڪوچي طرف وڃي رهيو هو.
ڪيرالا جي اِها سامونڊي پٽي ”حياتياتي تنوع“ سان مالا مال ۽ سياحت جي حوالي سان وڏي اهميت رکندڙ آهي.
جهاز تي سوار سموري عملي کي محفوظ طريقي سان بچايو ويو هو ، پر جهاز ۾ موجود 640 ڪنٽينرن مان ڪجهه ڪنٽينر مبينا طور ڪناري واري پاسي وهي رهيا آهن، جنهن سبب علائقي مان لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آهي.
اختيارين کي خدشو آهي ته جهاز ۽ ان جي ڪارگو مان تيل، ٻارڻ ۽ ٻيو زهريلو مواد ليڪ ٿيڻ سبب علائقي واسين ۽ سامونڊي جيوت لاءِ خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو.
ڪيرالا جي وڏي وزير جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، سامونڊي ڪناري ڀرسان وهندڙ تيل ڪنهن به هنڌ پهچي سگهي ٿو، تنهنڪري سڄي سامونڊي پٽي لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
اختيارين طرفان علائقي واسين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو سمنڊ مان وهي ايندڙ ڪنٽينرن يا تيل کي هٿ نه لائين، جڏهن ته مهاڻن کي چيو ويو آهي ته هو ٻڌي ويل جهاز جي ويجهو وڃڻ کان پاسو ڪن.
انڊين ڪوسٽ گارڊ گدلاڻ تي ضابطو آڻڻ لاءِ خاص سامان سان ليس هڪ جهاز کي حادثي واري هنڌ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته علائقي جو هوائي سروي ڪرڻ لاءِ هڪ جهاز به اماڻيو ويو آهي، جنهن ۾ تيل جي ليڪج جي نشاندهي ڪرڻ وارو نظام موجود آهي.
ڀارت ۾ خطرناڪ مواد سان سٿيل ڪارگو جهاز ٻڏي ويو، الرٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ لڏپلاڻ شروع
You might also like