لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا ماهرا خان کي لنڊن جي علائقي ايلفورڊ ٽائون ۾ فلم ”لو گرو” جي مشهور مهم دوران هراساني جو منهن ڏسڻو جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي ويون آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، ماهرا خان اداڪار همايون سعيد سان گڏ پروموشنل ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ لنڊن پهتي هئي، جتي موجود سيڪيورٽي هجوم کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جنهن سبب ڪجهه ماڻهن پاران اداڪارا سان اڻ وڻندڙ رويو اختيار ڪيو ويو.
وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ماھرا خان مداحن جي وڏي هجوم وچان اسٽور ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿي، جتي ڪجهه ماڻهن طرفان کيس اڻ وڻندڙ انداز ۾ ڇهيو ويو، جنهن تي هوءَ پريشان ۽ ڪاوڙيل نظر اچي رهي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اهو واقعو تڏهن پيش آيو، جڏهن ماهرا خان پنهنجي فلم جي مشهور لاءِ مداحن سان ملاقات لاءِ ٽيرس ڏانهن وڌي رهي هئي.
رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته افسوسناڪ صورتحال جي باوجود ايونٽ پنهنجي شيڊيول موجب جاري رهيو، ڇو ته مداحن سان ملاقات جي سيشن لاءِ اداڪارن کي اڳواٽ ادائيگي ڪئي وئي هئي.
ٻئي پاسي ماهرا خان جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته اداڪارا فلم ته سائن ڪئي هئي پر ان جي مشهور مهم لاءِ ڪو به معاوضو نه ورتو هو ۽ تقريب دوران جيڪو ڪجهه ٿيو اهو حيرت جوڳو ۽ پريشان ڪندڙ هو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ساڳئي ايونٽ دوران هڪ خانگي خابرو اداري جي عورت رپورٽر کي به هراسان ڪيو ويو، جنهن ان واقعي جي شڪايت داخل ڪرائي پوليس کي طلب ڪيو هو.
You might also like