مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا سان واسطو رکندڙ هڪ پيرسن جوڙو جيڪو گذريل 40 سالن کان صفائي جو ڪم ڪري رهيو هو، نيٺ پنهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي خواب يعني حج جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي عرب پهچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، پيرسن جو نالو ”ليگيمين“ آهي، جيڪو پنهنجي زال سان گڏ انڊونيشيا ۾ صفائي سٿرائي جو ڪم ڪري ٿو جنهن ۾ سندس گهرواري به هٿ ونڊائيندي آهي.
ان ڏس ۾ سعودي پريس ايجنسي سان ڳالهائيندي پيرسن شهري چيو ته حج ڪرڻ سندس زندگيءَ جو سڀ کان وڏو خواب هو ۽ هاڻي 40 سال جي محنت کا پوءِ اهو خواب ساڀيان ٿي رهيو آهي.
ليگيمين ٻڌايو ته 1986ع ۾ هن پنهنجي زال سان گڏجي حج لاءِ پئسا گڏ ڪرڻ شروع ڪيا، تمام گهڻين ڏکيائين ۽ سخت محنت باوجود هو ايترا پئسا ڪٺا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، جو هن سال حج ڪندڙن جي فهرست ۾ پنهنجو نالو داخل ڪرائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته هو سڀ کان پهرين الله جو شڪرگذار آهي ۽ پوءِ انهن سڀني ماڻهن جو جن سندس مدد ڪئي.
You might also like