جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جو اڄ مظاهرن ۽ سڀاڻي هڙتال جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) ۾ شامل جماعتن جيئي سنڌ قومي محاذ شهيد بشير،جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌتحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر ۽ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جي ڪردار ۽ آمراڻي رويي، شهيد عرفان لغاري جي لاش جي تذليل ڪرڻ, قومي ڪارڪنن جي شهادتن ۽ گرفتارين خلاف اڄ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ 25 مئي آچر جي ڏينهن سڄي سنڌ ۾ پرامن عام هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي. ان سلسلي ۾ جسقم شهيد بشير خان جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي،رياض چانڊيو، نواز خان زنئور، فتاح چنا, تاج جويو ۽ ٻين سان گڏجاڻي بعد وڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته  سنڌ ۾ جھنگ جو راڄ قائم ڪيو پيو وڃي، ھاڻي اھڙو وقت اچي ويو آھي جو شھيدن جا لاش به کنڀيا پيا وڃن، اھا سڌي بربريت آھي جيڪا ڪنهن به ريت قبول نه ڪنداسين. ھن چيو ته موري ۾ سنڌ سرڪار پاڻ پرامن تحريڪ کي پرتشدد بڻايو آھي. اسان جي قومي ڪارڪنن کي گوليون ھڻي شھيد ڪيو ويو ،سنڌ حڪومت پاڻ سنڌ جون حالتون خراب ڪرڻ چاھي ٿي. هن چيو ته سڄي سنڌ مان قومي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آھن انھن کي فوري آزاد ڪيو وڃي،پرامن جدوجهد ئي اسان جو وڏو هٿيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.