سنڌ جا رستا بند ڪري سخت احتجاج ڪيو وڃي: وڪيل اڳواڻ

حيدرآباد: سول اسپتال حيدرآباد ۾ پوليس جي ڪيل ڪارروائي، قومپرست ڪارڪن عرفان لغاري جو مڙهه پوليس پاران پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ ۽ قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ واري واقعي دوران سول اسپتال ۾ موجود وڪيلن اندرجيت لوهاڻو، ڌڻي بخش سولنگي ۽ ذوالفقار ٿيٻو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته چيو ته ضياءُ لنجار جي چوڻ تي پوليس دهشتگردن جيان  شهيد عرفان جو لاش پوسٽ مارٽم دوران کنڀي کڻي وئي آهي. ان سان گڏ ڪارڪنن مٿان تشدد ڪندي کين گرفتار ڪيو ويو آهي، اسين سڄي سنڌ جي بارز ۽ سڄاڻ ڌرين کي اپيل ڪريون ٿا ته سنڌ جا سمورا رستا بند ڪري سخت احتجاج ڪيو وڃي، شهيدن جي سڄي ڳوٺ مٿان ڪيس داخل ڪري ڪيترن ماڻھن کي جبري طور گم ڪيو ويو آھي، ٻئي پاسي شھيد ٿيل ڪارڪنن جو اڃا ڪو به فرياد ناھي ورتو ويو، جيڪو سندن آئيني حق آھي، اسان ھن عمل کي سڌي دھشتگردي ۽ بربريت سمجھون ٿا، سنڌ دشمن قوتون درياھه ۽ زمينن خاطر ڪيل جدوجھد جو سنڌ کان پلاند وٺڻ گھرن ٿيون. ھن ڪارروائي جو مقصد سنڌ ۾ ڏھڪاءُ پيدا ڪرڻ، سنڌ جي زمينن تي والار ۽ ڪينالن خلاف پرامن جدوجھد کي روڪڻ جي ڪوشش آهي. پر اسين اهو واضع ڪيون ٿا ته اسان ڪنھن به صورت ۾ پنھنجي درياھه، زمينن ۽ وسيلن خاطر هلندڙ تحريڪ کي ماٺو ٿيڻ نه ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.