آئي ڏينهن ڪئنالن جي آڙ ۾ قومي شاهراهه بند ڪرڻ قابل قبول ناهي: خواجه سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ڪئنالن جي اڏاوت وارو مسئلو روڊن تي نه پارلياماني فورم تي 1991ع واري واٽر اڪارڊ موجب حل ٿيندو.
جاري ڪيل بياڻ نون ليگ اڳواڻ چيو ته ڪو به صوبي ٻئي صوبي جو پاڻي استعمال نه کڻي، پاڻي ۽ اڃ ٻنهي جي ورڇ ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته چئني صوبن جي گڏيل مشاورت کانسواءِ حتمي فيصلي تائين ڪنهن به ڪئنال جي تعمير نه ٿيندي پر آئي ڏينهن ڪئنالن جي آڙ ۾ قومي شاهراهه بند ڪرڻ، ڪراچي پورٽ مان سامان جي تجارت ۽ ٽرانسپورٽ کي پنجاب، خيبرپختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان وڃڻ کان روڪڻ، اسانجي واپارين، صنعتڪارن ۽ ٽرانسپورٽرن کي مالي نقصان پهچائڻ وارو عمل قابل قبول ناهي.
هن چيو ته هي سياسي احتجاج ناهي پر قومپرستيءَ جي نالي تي سنڌي عوام کي ورغلائڻ ۽ علائقائي تعصب کي هوا ڏئي پنهنجي ناڪام سياست کي چمڪائڻ جي ڀوائتي سازش آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.