اسلام آباد(م ڊ) سينيٽر فيصل واوڊا سينيٽ جي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي تجويز ڏني آهي ته ملڪ جي بچاءَ واري بجيٽ کي ٽيڻ تي وڌايو وڃي ۽ سمورين فورسز جي ملازمن جون پگهارون ٻيڻيون ڪيون وڃن.هن چيو ته ترقياتي بجيٽ کي عارضي طور روڪي، انهن وسيلن کي دفاعي ضرورتن لاءِ مختص ڪرڻو پوندو. فيصل واوڊا اهو به مطالبو رکيو ته ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندڙ سفارتي وفدن ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن کي به شامل ڪيو وڃي ته جيئن قومي موقف کي وڌيڪ بهتر طريقي سان اجاگر ڪري سگهجي،هن چيو ته ته ملڪ جي سلامتي لاءِ عوام کي پنهنجو پيٽ ڪٽي دفاعي بجيٽ ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، ۽ هاڻ ترقياتي منصوبن بدران سڄو ڌيان دفاع تي ڏيڻ جي ضرورت آهي.هن چيو ته پاڪستاني فوجين جون پگهارون ٻيڻيون ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي، جڏهن ته ڀارت سان مقابلي لاءِ هڪ واضح، مضبوط ۽ سنجيده حڪمت عملي تي به مالي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي.سينيٽر واوڊا جو چوڻ هو ته اسان کي ڀارت سان جنگ کي منطقي انجام تائين پهچائڻ بعد ئي ترقي ۽ خوشحالي بابت سوچي سگھجي ٿو،