مرتضيٰ ۽ مسرور جتوئي سميت 75 ڄڻن تي لنجار هائوس تي حملي جا 2 ڪيس داخل

مورو (رپورٽ: جاني مورائي) صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي گهر "لنجار هائوس” تي حملي ۽ گهر کي باهه ڏيڻ بابت پوليس پاران ٻه ڌار ڌار ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيا ويا آهن، پوليس موجب واقعي دوران وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، جنهن سبب قانون  نافذ ڪندڙ ادارن پاران سخت قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پهرين ايف آءِ آر سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ 14 ڄاتل ماڻهن سميت 30 اڻڄاتل جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻي ايف آءِ آر لنجار هائوس جي مئنيجر دوست سولنگي جي فرياد تي داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ 29 ڄاتل ماڻهن سميت 45 اڻڄاتل ماڻهن تي الزام لڳايو ويو آهي، ڪيسن ۾ دهشتگردي، انساني جانين کي خطري ۾ وجهڻ، سرڪاري ملڪيت کي نقصان رسائڻ، ڏوهاري سازش، هٿيار بند حملي سميت ٻين سنگين نوعيت جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، پوليس موجب حملو مڪمل رٿابندي تحت ڪيو ويو هو، ايف آءِ آر جي متن موجب، حملي ۾ جي ڊي اي جي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي، مسرور جتوئي، باز محمد سيال، اعجاز لغاري ۽ جسمم جي سربراهه کي پڻ نامزد ڪيو ويو آهي، جن تي الزام لڳايو ويو ته انهن جي اڳواڻي ۾ ماڻهن جي هڪ وڏي جٿي لنجار هائوس تي حملو ڪيو، باهه لڳائي، فائرنگ ڪئي ۽ افراتفري پکيڙي وئي، واقعي سبب لنجار هائوس کي ڪروڙين رپين جو مالي نقصان رسيو، جنهن ۾ فرنيچر، گاڏيون، اليڪٽرانڪس، اهم دستاويز ۽ ٻين قيمتي شين جو سڙڻ شامل آهي، شاهدن موجب، واقعو تڪراري سياسي حالتن جو نتيجو هو، جڏهن ته متاثر ڌر ان کي مخالف ڌر پاران منصوبابندي سان ڪيل عمل قرار ڏنو آهي، پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، لاڳاپيل ادارا جاچ کي اڳتي وڌائيندي سي سي ٽي وي فٽيجز، موبائل ڊيٽا ۽ ٻين شاهدي مواد جي مدد سان حقيقتون سامهون آڻي رهيا آهن، ھوڏانهن جي ڊي اي  جي اڳواڻن ان ڪيس کي سياسي انتقام جو نالو ڏيندي الزام رد ڪري ڇڏيو آهي، سندن چوڻ آهي ته حڪومت پنهنجي ناڪامين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙا قدم کڻي رهي آهي، واقعي بعد مورو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، جتي پوليس جو گشت وڌايو ويو آهي ته جيئن امن امان جي صورتحال کي برقرار رکي سگهجي.

  • ايس ايس پي نوشهرو فيروز، سنگهار ملڪ کي هٽايو ويو

ڪراچي(رپورٽر) مورو ۾ پرامن احتجاج تي پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان جي شهيد ٿيڻ ۽ گهرو وزير ضيا الحسن لنجار جو گهر ساڙڻ واري واقعي کان پوءِ، سينيئر سپرنٽنڊنٽ پوليس (SSP) نوشهرو فيروز، سنگهار ملڪ کي عهدي تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته بشير احمد بروهي کي نئون ايس ايس پي نوشهرو فيروز مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي سنگهار ملڪ کي حڪم ڏنو ويو آهي ته هو سينيٽرل پوليس آفيس (CPO) سنڌ ۾ رپورٽ ڪري.

  • ڪيس انتقامي ڪارروائي آھي، چيف جسٽس نوٽيس وٺي: جي ڊي اي

ڪراچي(رپورٽر) اي پي پي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي تي مورو ۾ ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جي ڊي اي جي اڳواڻن صفدر عباسي، سيد زين شاھ، ذوالفقار مرزا، سردار رحيم پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي مٿان ڪيس انتقامي ڪارروائي آھي، پيپلزپارٽي ھاڻي عوامي حمايت کان محروم ٿي وئي آھي، مورو ۾ پوليس ڏاڍائي ڪري سياسي ماڻھن مٿان تشدد ڪيو، عوام تي ڏاڍ ڪري عوام کي مزاحمت تي مجبور ڪيو پيو وڃي، اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراھم ڪن.

  • مورو واقعي جي عدالتي جاچ ڪريو،  بي گناهن تي گولي هلائڻ جو ڪنهن کي حق ناهي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ واري رٿا ختم ڪئي وڃي, ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي والار  ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. ڪالهه ايس ٽي پي پاران ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبي خلاف نسيم نگر چوڪ تي احتجاجي جلسو منعقد ڪيو ويو. جنهن کي ڊاڪٽر قادر مگسي آمريڪا مان وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام جي گذريل ڏهن مهينن کان پرامن سياسي جدوجھد ڪري رهي آهي ته سنڌو درياهه ڪينال نه ٺاهيو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي والار بند ڪريو. سنڌ جي هن پرامن سياسي جدوجھد جي سبب حڪمرانن ڪينالن جي معاملي تي نيٺ گوڏا کوڙيا. جيڪا سنڌ جي فتح آهي. ائين ئي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف به سنڌ پرامن سياسي جدوجھد وسيلي هنن حڪمرانن کي شڪست ڏيندي. سنڌ جون خالي پيل سرڪاري زمينون سنڌ جي عوام جي ملڪيت آهي. ان کي ائين تين وال ڪرڻ جو ڪنهن کي حق حاصل ناهي. سنڌ جو اهو واضع ۽ چٽو مطالبو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جو زمينون ڪمپنين کي ڏئي سنڌي قوم لاءِ سنڌ کي فلسطين نه بڻايو وڃي. اهي زمينون مقامي بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن. هن چيو ته  ڪينالن جي معاملي تي ته پ پ چيو پئي ته اهو وفاق ڪري رهيو آهي. پر هاڻي اسان پ پ وارن کان پڇون ٿا ته ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو ته صوبائي مسئلو آهي. اهو ته توهان جي حڪومت جي هٿ ۾ آهي ته پوءِ ڇو نٿو ختم ٿئي. هن چيو ته مورو واقعي جي مذمت ڪيون ٿا بيگناھه ماڻهن تي گولين هلائڻ جو ڪنهن کي به اختيار ناهي. اسان مطالبو ٿا ڪريون ان واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي، هوت خان گاڏهي، قادر چنا، ڊاڪٽر، احمد نوناري، امتياز سمون، ڊاڪٽر سومار مڱريو، عاشق سولنگي، گنبل شاھه، جان محمد جوڻيجو، ڪي بي لغاري، سحر رضوي، رستم لاشاري، رياض لاکو، عرفان بروهي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

  • مورو واقعي خلاف احتجاج ڪندڙ 62 ڄڻن تي دهشتگردي قلمن تحت ڪيس داخل

ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشورو ۾ مورو واقعي خلاف احتجاج دوران ٽرڪ کي باهه ڏيڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ڄامشورو ٿاڻي تي ايڊيشنل ايس ايڇ او محمد سليم پنهور جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ 12  ڄڻن سميت 62 ماڻهن تي دهشتگردي، رستا روڪ، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جا قلم شامل ڪيا ويا. ڪيس ۾ سعيد تيوڻو، سجاد تيوڻو، عرفان سومرو، نواب مگسي، اياز ڏاهاڻي، سميت ٻين جا نالا شامل آهن، جڏهن ته 50 ڄڻا نامعلوم آهن. پوليس پاران قومي ڪارڪنن جي گرفتارين لاءِ مختلف علائقن ۾ چڙهايون پڻ ڪيون ويون.

  • لنجار هائوس تي حملي خلاف سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور

ڪراچي(رپورٽر) صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي گهر تي حملي ۽ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي بابت سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل ٺهرا منظور ڪيو ويو، جيڪو صوبائي وزير سعيد غني پيش ڪيو، جنهن جي اسيمبلي جي ميمبرن اٿي بيهي حمايت ڪئي، سعيد غني چيو ته ڪينالن واري معاملي تي پر تشدد احتجاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ضيا الحسن لنجار جي گهر تي حملو ڪري ڪيترا ئي ڪلاڪ قبضو ڪيو ويو، اتي معصوم ماڻهن کي يرغمال بڻائي تشدد ڪيو ويو جيڪا سنگين دهشتگردي آهي، اهڙو حملو ڪنهن جي به گهر تي ٿي سگهي ٿو، حملو ڪندڙن کي عبرت جو نشان ٺاهڻ گهرجي، تعليم واري وزير سيد سردار علي شاه ٺهراءُ بابت خطاب ڪندي چيو ته مورو جي هڪ سڃاڻ آهي، ون يونٽ هجي يا سنڌ جا ٻيا مسئلا موري جا ماڻهو هڪ سڃاڻپ رکن ٿا پر هن واقعي ۾ ڪالعدم تنظيمن جا ماڻهو شامل آهن، سياسي اڳواڻ ملوث نه هئا، الائي ڪير هئا؟ منهنجو موقف آهي ته ضيا الحسن لنجار جي گهر تي جيڪو حملو ٿيو ان ۾ ڪا ملڪ خلاف سازش شامل آهي،  واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته هن کي سياسي ڪارروائي تائين محدود نه سمجهيو وڃي، اپوزيشن اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته سردار شاھ جي ڳالهين سان مطمئن آهيان، هي مسئلو ضيا لنجار جو نه پر اسان سڀني جو آهي، بلوچستان ۾ به پراڪسي وار هلي پئي ان جي جاچ به ٿين گهرجي، جماعت اسلامي جي ايم پي اي محمد فاروق چيو ته گھرو وزير جي گهر تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، مٽڪو جتان ڪمزور هوندو آهي اتان ٽٽندو آهي، ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، اسان حڪومت سان گڏ آهيون، پي ٽي آءِ جي ايم پي اي اويس چيو ته اسين به هن ٺهراءُ جي حمايت ڪريون ٿا، سي سي ٽي وي موجود آهن واقعي ۾ ملوث ڪردارن خلاف هيسيتائين  ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ها، ايم پي اي سعديه جاويد پاران بلوچستان ۾ بس تي حملي خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جيڪو منظور ڪيو ويو، پ پ ايم پي اي فاروق اعواڻ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو نالو تبديل ڪري ان جو نالو شهيد بينظير ڀٽو انٽرنيشنل ايئرپورٽ رکڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته خطرن جي آگاهي هجڻ باوجود شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي جان جو نظرانو پيش ڪيو، اسانکي هن ايوان مان هي ٺهراءُ اڪثريت سان منظور ڪري وفاق کي ان تي عمل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي، اسيمبلي اهو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.

  • تشدد ذريعي پُرامن تحريڪن کي ختم نٿو ڪري سگھجي: زبير ٽالپر

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير احمد ٽالپر پاران سنڌو درياهه تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف موري ۾ پُرامن احتجاج تي پوليس تشدد ۽ فائرنگ جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي. پنھنجي جاري  ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سنڌ جا ماڻھو پنھنجن وسيلن جي مالڪي ۽ لڳندڙ ڌاڙي خلاف پرامن احتجاج ڪري رھيا ھئا پر پوليس بناجواز حملو ڪري ھٿين خالي ماڻھن کي شھيد ڪيو آھي. جنھن جي مذمت ڪجي ٿي، تشدد ذريعي پُرامن تحريڪن کي ختم نٿو ڪري سگھجي، ھن چيو ته پرتشدد احتجاجن جا به قائل ناھيون، پرتشدد احتجاج جي به  مذمت ڪيون ٿا، رياستي توڙي غير رياستي تشدد کي قبول نٿو ڪري سگھجي، سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نوشھرو فيروز ضلعي ۾ قلم 144 ھڻڻ جي مذمت ڪندي ان کي عوامي حق کسڻ قرار ڏنو.

  • لاڙڪاڻي ۾ مورو واقعي خلاف عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن پاران مورو واقعي، ڪارپوريٽ فارمنگ، 26هين آئيني  ترميم ۽ پيڪا ايڪٽ خلاف عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪندي هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي، جتي وڪيلن ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي. اڳواڻن نورالدين مهيسر، غلام محمد باريجو ۽ ٻين چيو ته مورو ۾ پرامن ماڻهن تي گوليون هلائڻ، زمينون خانگي ڪمپنين حوالي ڪرڻ، عدليه کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ صحافين خلاف ڪيس انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته مورو واقعي جي جاچ، زمينن جي واپسي ۽ ڪارا قانون ختم ڪيا وڃن.

  • شھيد زاھد لغاري مٽي ماءُ حوالي، سنڌو خاطر قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: وارث

مورو: مورو قومي شاهراھ تي سنڌوءَ درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تحت زمينن جي والار خلاف پرامن احتجاج دوران فائرنگ ۾ شھيد ٿيل نوجوان زاھد لغاري جي جنازي نماز ڳوٺ لغاري بجاراڻي ۾ ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ مختلف قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن سياسي سماجي علمي ادبي مذھبي تنظيم جي اڳواڻن صحافين، شھرين ڳوٺاڻن مختلف برادرين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنازي نماز مذھبي اڳواڻ اياز ڪمي پڙھائي جنهن بعد شھيد جي مڙھ کي قومي جھنڊي سان سلامي ڏئي ڌرتيءَ ماءُ جي ھنج ۾ ھميشھ لاءِ سمھاريو ويو، جڏھن ته تڏي تي پونئرن سان  تعزيت جو سلسلو جاري آھي، جنھن ۾ ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، ھاشم کوسو، ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالحميد پنھور، خالد ٻگھيو، ڪامريڊ وينگس، ايڊووڪيٽ منور تنيو، ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري، قادر بخش ڪورائي، ايڊووڪيٽ امين الدين خاصخيليءَ، صحافين، بالا بلوچ، منظور احمد خاصخيليءَ، الھبچايو لغاري، آصف جوڻو سميت ٻيا تڏي تي پھچي تعزيت ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي وارثن جو چوڻ هو ته اسان پنھنجي جياپي سنڌوءَ درياهه پاڻي، سنڌ ڌرتيءَ جي زمين جي والار خلاف پر امن احتجاج ڪرڻ لاءِ پھتا ھئاسين پر ان کي پوليس پر تشدد بڻائي گوليون وسايون آھن ۽ اسان جو نوجوان شھيد ڪيو ۽ ڪيترائي زخمي ڪيا ويا آھن جيڪي موت سان زندگين جي جنگ وڙھي رھيا آھن ھي ڪٿان جو قانون آھي جو ڪنھن پر امن ماحول کي خراب ڪيو وڃي ۽ وري ڪيس به انھن مٿان داخل ڪيو وڃي، اھا ناانصافي ظلم آھي، اسان وس وارين ڌرين کان مطالبو ٿا ڪريون ته جوڊيشل انڪوائري ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان پنھنجي انصاف لاءِ عدالت سڳوريءَ ۾ وينداسين، جتان اسان کي انصاف جي اميد آھي، باقي اسان پنھنجي درياهه کي بچائڻ لاءِ ھر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آھيون، ڪڏھن به پوئتي نه ھٽنداسين، اسان وقت جي حڪمرانن کي چئون ٿا ته ھي سنڌوءَ درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تحت زمينن جي والار بند ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي ماڻھن کي حق ڏنا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.