مورو (ويب ڊيسڪ) موري ۾ ڇڪتاڻ دوران هڪ ڄڻو مارجڻ ۽ صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي گهر کي باهه لڳڻ جي واقعي کانپوءِ ايس ايس پي نوشهرو فيروز سنگهار ملڪ کي عهدي تان هٽايو ويو.
واضح رهي ته موري ۾ ڪينالن خلاف احتجاج ان وقت پرتشدد ٿي ويو هو، جڏهن پوليس سان جهڙپن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته ڪجهه پوليس اهلڪار به زخمي ٿيا هئا.
ان دوران مڇريل ماڻهن گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي گهر کي باهه به ڏئي ڇڏي هئي.
اهڙن واقعن کانپوءِ اڄ ايس ايس پي نوشهروفيروز سنگهار ملڪ کي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بشير احمد بروهي کي نئون ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي سنگهار ملڪ کي سي پي او سنڌ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
You might also like