چين ۽ پاڪستان پاران سي پيڪ کي افغانستان تائين وڌائڻ تي اتفاق

بيجنگ(م ڊ)بيجنگ ۾ ٿيل پاڪستان، افغانستان ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات دوران چين-پاڪستان اقتصادي راهداري کي افغانستان تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بيجنگ ۾ ٿيل هن ملاقات دوران چين ٻنهي ملڪن جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو، ملاقات ۾ دهشتگردي جي خاتمي،خطي جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ گڏيل عزم تي زور ڏنو ويو، اهو به طئي ٿيو ته سھ فريقي پرڏيهي وزيرن جو ڇهون اجلاس جلد، هڪ گڏيل طور مناسب تاريخ تي ڪابل ۾ ٿيندو، ترجمان موجب ٽنهي ڌرين سه فريقي تعاون کي علاقائي سلامتي ۽ معاشي رابطن لاءِ اهم قرار ڏنو، جڏهن ته چين، پاڪستان ۽ افغانستان جي خودمختياري ۽ استحڪام لاءِ مڪمل سهڪار جو اعلان ڪيو، سلامتيءَ جي حوالي سان گڏيل تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، دوري دوران، پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي چيني هم منصب ۽ ٻين اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ڪيون، اسحاق ڊار، افغانستان جي قائم مقام پرڏيهي وزير عامر خان متقي سان ملاقات دوران تازو ٿيل دوري، ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.