ڪراچي ۾ سخت گرمي باوجود لوڊشيڊنگ،شهري پريشان،ڪاروبار ٺپ

ڪراچي (رپورٽر) شهر ۾ شديد گرمي جي باوجود ڪي اليڪٽرڪ پاران ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، مختلفعلائقن ۾ روزانو 12 کان 16 ڪلاڪ تائين بجلي بند ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته مينٽي ننس جي نالي تي ڪلاڪن تائين بجليءَ جي غير حاضري معمول بڻجي وئي آهي، شهرين، ڪي اليڪٽرڪ جي لوڊشيڊنگ گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ بابت دعوائن کي سڌو سنئون ڪوڙو قرار ڏنو آهي، ڪي اليڪٽرڪ نه رڳو ڪيترن ئي علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت وڌايو آهي، پر اهڙا به علائقا شامل آهن، جتي اڳ لوڊشيڊنگ نه ٿيندي هئي، پر هاڻي اتي روزانو 6 کان 10 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي، ڪورنگي، لانڍي، ملير، کوکراپار، قائدآباد، گلستان جوهر ، نيو ڪراچي، نارٿ ڪراچي، سرجاني ٽائون ۽ لياقت آباد سميت ٻين علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهري سخت پريشان آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.