تنگواڻي (ويب ڊيسڪ) تنگواڻي ۾ پلال کڻڻ تان جهيڙي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا.
شير آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ يعقوب بنگلاڻي ۾ پلال کڻڻ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺين جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو.
جهيڙي ۾ لٺيون لڳڻ سبب علي بخش بنگلاڻي مارجي ويو، جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو، جتي ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
Next Post
You might also like