لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي اوپنر ۽ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان ڊيوڊ وارنر پلي آف کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کان هڪ انوکي فرمائش ڪري ڇڏي
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ ڊيوڊ وارنر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ڪراچي ڪنگز جي آفيشل پيجز کي ٽيگ ڪندي لکيو ته ” ڇا ڪنهن جو لاهور جي رايا گالف ڪلب سان رابطو ٿيو آهي؟ مهرباني ڪري ٻڌايو، اسان انهيءَ گالف ڪلب بابت حيرت جوڳيون ڳالهيون ٻڌيون آهن.“
هن وڌيڪ چيو ته ” مان ڪيئي هفتن کان اتي وڃي گالف کيڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.“
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ ڏهين سيزن جي آخري ليگ ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ، ڪراچي ڪنگز کي 79 رنسن سان شڪست ڏئي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز خلاف پهريون ڪواليفائر کيڏڻ جو موقعو حاصل ڪري ورتو.