نوشهروفيروز(م ڊ)جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي قتل ڪيس جي سلسلي ۾ دهشت گردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو،عدالت قتل ڪيس جي ٻڌڻي 3 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي،عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ جتوئي چيو ته دنيا تسليم ڪيو آهي ته ڀارت سان جنگ ۾ پاڪستان کي برتري حاصل رهي،اسان سڀ کان پهرين ملڪ سان گڏ آهيون،صوبن جا خدشا پنهنجي جاءِ تي پر جڏهن ملڪي سلامتي جو مسئلو هجي ته اسان پاڪستان سان گڏ آهيون،هن چيو ته سنڌ کي ڪئنالن ۽ زمينن جي معاملي تي اڃا به خدشا آهن،چونڊون شفاف ٿيون ته پ پ 25 سيڪڙو سيٽون به نه کڻي سگهندي،ملڪ هاڻي ڌانڌلي واري ٻي اليڪشن جي سٽ نٿو سهي سگهي