فيصل واوڊا ذهني مريض ۽ سستو شاهه رخ خان آهي:عظميٰٰ بخاري

لاهور(م ڊ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري، سينيٽر فيصل واوڊا کي ذهني مريض ۽ سستو شاهه رخ خان قرار ڏنو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ صحافي پنجاب جي وزير عظميٰٰ بخاري کان پڇيو ته فيصل واوڊا جي بيان تي اوهان جو ردعمل ڇا آهي؟ ان تي عظميٰٰ بخاري  چيو: "هو ڪير آهي؟ هو ته اصل ۾ ذهني مريض آهي ۽ سستو شاهه رخ خان آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته، "هاڻي ته هو سينيٽر آهي، پر سندس ڪا به سياسي پارٽي ناهي، مان سندس بيان تي ڪجهه چوڻ نٿي چاهيان، اهڙن ماڻهن جي حالت تي ته رحم اچڻ گهرجي۔ ياد رهي ته فيصل واوڊا گذريل ڏينهن هڪ ٽاڪ شو ۾ پنجاب حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي هئي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.