اسلام آباد( طلعت حسين) جيتوڻيڪ جنگ ۾ عارضي وقفو آيوآھي تھ پر پاڪستاني سياست پنھنجي روايتي انداز ڏانھن موٽي پئي آھي. فيصل واوڊا ٽي وي پروگرام ويھي ن ليگ ۽ ان جي سياست توڙي سندن اڳواڻن مٿان سخت حملا ڪيا آھن. ھن مطابق ھي ڪنھن ڪم جا ناھن، ھي جنگ دوران ڪٿي بھ موجود نھ ھئا پر ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ۾ آھن ان دوران خبر ناھي تھ نوازشريف ڪٿي ھيو.فيصل واوڊا جڏھن ڳالھائندو آهي تھ پوءِ لحاظ ناھي ڪندو. ان جو جواب ڏيندي عظميٰ بخاري کس سستو شاھھ رخ ۽ ذھني مريض ڪوٺيو.ھڪ اھڙي وقت ۾ جڏھن توھان جا جھاز دشمنن تي حملي لاءِ تيار ٿيا ۽ دنيا توھان بابت ڳالھائي رھي آھي ان وقت سياسي معاملن کي پوئتي رکڻ گھرجي ھا پر بدقسمتي سان ائين نھ ٿيو. جيتوڻيڪ جنگ ھينئر بھ جاري آهي تياريون ڏسجن يا بيان تھ اھا نظر اچي ٿي.ھندستان طرفان خطرناڪ پلاننگ ھلي رھي آھي.دنيا اندر پاڪستان خلاف ڪيس جي تياري ڪري رھيوآھي.ھو دنيا کي ٻڌائڻ جي تياري ڪري رھيا آھن ۽ ھتي اھو سلسلو شروع ٿي ويو آھي تھ ڪير ڪيترو قابل آھي يا ناھي.واوڊا ڪنھن پارٽي ۾ تھ ناھي پر ان کي اسٽيبلشمنٽ جو نمائندو سمجھيو ويندوآھي. ھن کي بھ احتياط ڪرڻ گھرجي، ن ليگ کي بھ خيال رکڻ گھرجي.ٻئي پاسي پي ٽي آئي جو رستو ساڳيو ئي آھي رڳو عمران خان لاءِ ماتم، ٽرولنگ جاري آھي. جن ٽوئيٽس ۾ پي ٽي آئيفوج جي حمايت ۾ ڳالهيون ڪيون ان ۾ ٻھ لائينون تھ حمايت جون ھونديون آھن باقي ملڪ خلاف زھر ئي ھوندوآھي.