ڀارت ۾ پاڪستان لاءِ جاسوسي جي الزام ۾ گرفتار يوٽيوبر جو واسطو بي جي پي سان نڪتو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان پاڪستان لاءِ جاسوسي جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ جو واسطو ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) سان نڪتو.
17 مئي تي گرفتار ڪيل هريانا جي يوٽيوبر جيوتي ملهوترا بي جي پي جي ڪارڪن نڪتي، جنهن کي پاڪستان لاءِ جاسوسي ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.
مودي سرڪار جو الزام آهي ته جيوتي پاڪستاني ڳجهي ايجنسين سان رابطو رکي حساس ڄاڻ فراهم ڪئي.
ان جي ابتڙ گرفتار ڪيل عورت يوٽيوبر بي جي پي هريانه سان سلهاڙيل آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا بي جي پي جي تقريبن ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي.
ڀارتي بارڊر ڪراس ڪرڻ تي بي ايس ايف جي جوان طرفان سڃاڻپ پڇڻ تي جيوتي پنهنجو واسطو هريانه بي جي پي سان ٻڌايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.