اسلام آباد(بيورو/ع آ نيوز) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ بابت ڳالهيون جاري آهن، جتي حڪومت آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي آهي ته نان فائلرز (ٽيڪس نه ڀرڻ وارن) جي خلافسخت قدم کنيا ويندا. ذريعن موجب، ٽيڪس نظام مان نان فائلرز جي ڪيٽيگري ختم ڪرڻ تي ڪم جاري آهي. نئين بجيٽ ۾ نان فائلرز لاءِ آسانيون نه، پر وڌيڪ سختي آڻڻ جو ارادو آهي. اهڙن ماڻهن تي گاڏين ۽ جائيدادن جي خريد تي پابندي لاڳو ٿيندي، ۽ اهي مالي معاملن جون اهم منتقليون نٿا ڪري سگهن. آءِ ايم ايف کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته واپار دوست اسڪيمون پنهنجا هدف حاصل نه ڪري سگهيون، جڏهن ته غير رجسٽرڊ دڪاندارن تي ود هولڊنگ ٽيڪس وڌائڻ سان سٺا نتيجا مليا آهن. هول سيلرز ۽ واپارين جي ڪيٽيگري ۾ فائلرز جي تعداد ۾ 51 سيڪڙو واڌ آئي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي آگاهي ڏني وئي ته ٽيڪس نادا ڏيندڙن بابت ٿرڊ پارٽي ڊيٽا جو تجزيو جاري آهي، ۽ ٽيڪس نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڪمپلائنس رسڪ مينيجمينٽ سسٽم فعال ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڪارپوريٽ ٽيڪس يونٽس تائين وڌايو ويندو. ان کان اڳ، ذريعن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف وفد سان آمدني ۽ خرچن بابت حتمي ڳالهيون ٿينديون، ۽ تنخواه دار طبقن لاءِ انڪم ٽيڪس گهٽ ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه جاري آهي. حڪومت جو ارادو آهي ته ساليانو 10 کان 12 لک رپيا ڪمائيندڙ ماڻهن کي ٽيڪس فري ڪيو وڃي. ذريعن موجب، وزيراعظم جي هدايت تي ايف بي آر انڪم ٽيڪس ۾ رعايت ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو سلسلو 23 مئي تائين جاري رهندو، جڏهن ته بجيٽ جون تجويزون 22 مئي تائين حتمي بڻايون وينديون. نئين مالي سال جي بجيٽ 2 جون تي پيش ڪئي ويندي. عوام تي ايندڙ مالي سال ۾ 194 ارب رپين جي وڌيڪ پيٽروليم ليـوي جو بار وجهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. ايندڙ مالي سال 2025-26 جي شروعات سان گڏ، عوام کي پيٽروليم ليـوي جي مد ۾ ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو مالي بار برداشت ڪرڻو پوندو، جيڪو 1 جولاءِ کان لاڳو ٿيندو. عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي رپورٽ موجب، نئين مالي سال لاءِ پيٽروليم ليـوي مان وصولين جو حدف 1,311 ارب رپيا رکيو ويو آهي، جيڪو هلندڙ مالي سال جي مقابلي ۾ 194 ارب رپيا وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب، في الحال به عوام تي پيٽروليم ليـوي جو وڌندڙ بار موجود آهي، ۽ ايندڙ سال هي بار ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.رپورٽ موجب، هلندڙ مالي سال 2024-25 لاءِ پيٽروليم ليـوي مان وصولي جو اندازو 1,117 ارب رپيا آهي، جڏهن ته جولاءِ 2024 کان مارچ 2025 جي وچ ۾ 833.84 ارب رپيا اڳ ئي وصول ڪيا ويا آهن. گذريل مالي سال 2023-24 ۾ پيٽروليم ليـوي مان 1,019 ارب رپيا ۽ مالي سال 2022-23 ۾ 580 ارب رپيا وصول ڪيا ويا هئا. هن وقت پيٽرول تي 78 رپيا 2 پئسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 77 رپيا 1 پئسو في ليٽر جي حساب سان ليـوي لاڳو آهي، جيڪا سڌو سنئون عوام جي کيسي تي اثر انداز ٿي رهي آهي.