ايپل طرفان آءِ فونز ۾ اهڙي وڏي تبديلي آڻڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن بابت ڪجهه عرصو اڳ تصور به ممڪن نه هو.
بلومبرگ جي رپورٽ موجب، ايپل طرفان آءِ فون استعمال ڪندڙن کي وائس اسسٽنٽ سيري بدران ڪنهن ٻئي هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي (اي) اسسٽنٽ سان بدلائڻ جي سهولت ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته آءِ فونز ۾ سيري جو استعمال هڪ ڏهاڪي کان به وڌيڪ عرصي کان ٿي رهيو آهي ۽ هن وقت تائين ان کي بدلائڻ ناممڪن سمجهيو ويندو هو.
پر رپورٽ موجب، ڪمپني واهپيدارن کي چيٽ جِي پِي ٽِي يا گوگل جيمنائي کي سيري جي جاءِ تي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ بابت سوچي رهي آهي.
رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ايپل کي اڃا تائين آءِ فونز ۾ اي آءِ فيچر وڏي پيماني تي متعارف ڪرائڻ ۾ ڏکيائون پيش اچي رهي آهي.
ان جو هڪ ڪارڻ اهو آهي ته ڪمپني واهپيدارن جي پرائيويسي کي محفوظ رکڻ چاهي ٿي ۽ لارج لينگوئج ماڊلن جي تربيت لاءِ صارفين جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ واري معاملي سبب اهو ڪم ڏکيو ثابت ٿي رهيو آهي.
اهڙيءَ ريت، ايپل انٽيليجنس کي متعارف ڪرائڻ جو عمل به دير جو شڪار آهي.
رپورٽ موجب، اهو ئي سبب آهي جو ايپل طرفان ٿرڊ پارٽي اي آءِ اسسٽنٽس کي آءِ فونز ۾ سيري جي جاءِ تي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي، خاص طور تي چيٽ جي پي ٽي کي.
پر اڃا تائين اهو واضح ناهي ته ائين ڪڏهن ٿيندو، ڇو ته ڪمپني کي يورپي يونين جي قانونن کي به نظر ۾ رکڻو پوندو.
Prev Post
Next Post
You might also like