ٽرمپ جا ڪملا هيرس تي الزام، جاچ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڳوڻي آمريڪي نائب صدر ۽ صدارتي چونڊن ۾ پنهنجي مخالف ڪملا هيرس تي الزام هڻندي جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي لکيو ته ڪملا هيرس 2024 جي چونڊن ۾ مشهور شخصيتن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پيسو ڏنو، ڪنهن اميدوار کي حمايت خريدڻ جي اجازت ناهي پر ڪملا هيرس اهو ڪم تفريح جي نالي تي ڪيو.
ٽرمپ آمريڪي گلوڪار بروس اسپرنگسٽين تي به تنقيد ڪندي سوال اٿاريو ته ڪملا کيس ڪيترا پيسا ڏنا ۽ هن قبول ڇو ڪيا؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.