نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ ڪرنل صوفيا قريشي خلاف ڀارتيا جنتا پارٽي جي وزير وجي شاهه جي معذرت رد ڪندي نئين خاص انويسٽيگيشن ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ اهو به چيو ته نئين ٽيم ۾ هڪ عورت آفيسر جو هجڻ ضروري آهي، وجي شاهه جي گرفتاري تي ان شرط تي اسٽي ڏنو ته هو جاچ ۾ مڪمل سهڪار ڪندو.
ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ چيو ته سڄو ملڪ وجي شاهه جي شرمناڪ بيان تي شرمندو آهي.
واضح رهي ته وجي شاهه ڀارتي فوج جي ڪرنل صوفا قريشي کي دهشتگردن جي ڀيڻ چيو هو، جنهن کانپوءِ مٿس ڇتي تنقيد ڪئي وئي.
Prev Post
You might also like