اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سڄي ملڪ ۾ الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته هيٽ ويو جو دورانيو وڌيڪ 4 ڏينهن رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جي الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته 20 کان 24 مئي تائين ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پارو معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب پنجاب جي وچولن ۽ مٿانهن علائقن، خيبر پختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ گرمي پد معمول کان 4 کان 5 ڊگري وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي چيو آهي ته ان دوران ٻار، بزرگ ۽ عورتون بنا سبب جي گهران نه نڪرن، ٻاهر نڪرڻ جي صورت ۾ احتياط ڪيو وڃي.
Next Post
You might also like