سام سنگ جي نئين فون ” ايس ٽوئنٽي فائيو ايڇ “دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

گذريل ڪجهه مهينن کان خبرن ۾ رهندڙ ٽيڪنالاجي ڪمپني سام سنگ جو گليڪسي ايس 25 ايڇ گذريل هفتي لانچ ٿيندي ئي واهپيدارن جي نگاهن جو مرڪز بڻجي وئي آهي، جڏهن ته فون مئي جي آخري هفتي ۾ رليز ڪرڻ جو امڪان آهي.
عوامي جي نگاهن ۾ اچڻ کانپوءِ فون ٽاپ ٽرينڊنگ چارٽ ۾ سام سنگ جي گليڪسي اي 56 کان پهرين پوزيشن به کسي ورتي آهي.
گذريل هفتي ٽرينڊنگ ۾ رهندڙ سمارٽ فونز جي جاري ڪيل فهرست موجب، پهرين پوزيشن تي سام سنگ گليڪسي ايس 25 ايڇ ( نئين انٽري ) قبضو ڄمائي ورتو آهي، جڏهن ته ٻئي نمبر تي سوني ايڪسپيئريا 1 VII فائيو جي موجود آهي.
سام سنگ گليڪسي اي 56 ٽئين، سام سنگ جي ئي گليڪسي ايس 25 الٽرا چوٿين، شيائومي ريڊمي ٽربو فور پرو پنجين، شائومي پوڪو ايڪس سيون پرو ڇهين ۽ ايپل آءِ فپون 16 پرو ميڪس ستين نمبر تي موجود آهي.
ان کانسواءِ فهرست ۾ ٽيڪنو ڪيمون فورٽي فائيو جي اٺين، ون پلس 13 ٽي فائيو جي نائين ۽ شيائومي سيوي 5 پرو فائيو جي ڏهين پوزيشن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.