نوشهرا (ويب ڊيسڪ) نوشهرا ڀرسان مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٽي ڀاءُ ڀيڻ فوت ٿي ويا.
پوليس موجب اهو واقعو اضاخيل علائقي ۾ پيش آيو، ٻارن جا لاش ۽ سندن ماءُ کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو آهي.
پوليس فوتي ٻارن جي پيءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
گهر جي سربراهه پوليس کي ڏنل بيان ۾ امڪان ظاهر ڪيو ته کاڌي ۾ ڪا زهريلي شئي ڪري پئي هوندي.
You might also like