پاڪستان کي حملي جو اڳواٽ اطلاع ڏيڻ ڏوهه آهي، جئه شنڪر ٻڌائي تي ڀارت جا ڪيترا جهاز تباهه ٿيا؟ راهول گانڌي

نئين دهلي (ويب ڊيڪس) ڀارتي پارليامينٽ ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي هڪ ڀيرو ٻيهر مودي سرڪار کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي پرڏيهي وزير جئه ايس شنڪر کان پڇاڻو ڪيو آهي ته هو ٻڌائي تي پاڪستان کي حملي جي اڳواٽ ڄاڻ هئڻ سبب ڀارت ڪيترا جهاز وڃائي چڪو آهي؟
سومر ڏينهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ راهول گانڌي چيو ته پاڪستان کي حملي جو اڳواٽ اطلاع ڏيڻ غلطي نه پر ڏوهه آهي، ڀارتي عوام کي سچ ڄاڻڻ جو حق آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ ڇنڇر ڏينهن راهول گانڌي پرڏيهي وزير کي ست مئي جي حملي کان اڳ پاڪستان سان معلومات شيئر ڪرڻ بابت بيان تي به تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو هو ته ”حملي کان اڳ پاڪستان کي آگاھه ڪرڻ ڏوهه آهي، جئه شنڪر کي ان جي اجازت ڪنهن ڏني؟
راهول گانڌي لکيو ته ” پرڏيهي وزير سرعام قبول ڪري رهيو آهي ته ڀارتي حڪومت اِهو ڪم ڪيو آهي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.