واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ۽ 82 ورهين جي عمر رکندڙ جو بائيڊن ۾ پروسٽيٽ ڪينسر جي نشاندهي ٿي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب، گذريل هفتي پيشاب سان لاڳاپيل تڪليفن کانپوءِ هن ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو، جنهن کيس ڪجهه ضروري ٽيسٽون ڪرائڻ جي تجويز ڏني.
جو بائيڊن جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽيسٽ کانپوءِ منجهس ڪينسر جي تصديق ٿي آهي جيڪو سنجيده نوعيت جو آهي ۽ هن وقت سندس ڪٽنب ۽ ڊاڪٽر علاج جي ممڪن آپشنز تي غور ڪري رهيا آهن.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هي ڪينسر جو اهڙو قسم آهي، جنهن تي خاص دوائون يا هارمون ڪنٽرول ڪندڙ طريقا اثرانداز ٿي سگهن ٿا، اميد آهي ته هن بيماري کي يا ته روڪي سگهجي ٿو يا گهٽ ۾ گهٽ ڪنٽرول ۾ آڻي سگهجي ٿو.