وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جون خبرون، پي ٽي آءِ جو بيان اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق ۽ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ واري ڳالهه کي بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت ڪنهن به شخص خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو نه ڪو ارادو آهي ۽ نه ئي حوالي پي ٽي آءِ جي باني طرفان ڪا هدايت آئي آهي.
بئريسٽر گوهر چيو ته بي اعتمادي رٿ بابت ميڊيا تي هلندڙ سموريون خبرون بي بنياد آهن، پر هن چيو ته جيتوڻيڪ بي اعتمادي جو آپشن سياسي جماعتن وٽ آئيني طور موجود آهي، پر في الحال ان جي استعمال بابت ناهي سوچيو.
واضح رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ميڊيا ۾ اياز صادق ۽ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جي امڪاني رپورٽن تي بحث جاري هو، جن کي هاڻي پي ٽي آءِ جي اعليٰ قيادت طرفان مڪمل رد ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.