ماتلي (ن ع آ) ماتلي شهر جي ڦلڪارا روڊ تي ٽن اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ تعلقي ماتلي جي نائب صدر، 50 ورهين جي رضا نظاماڻي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. رضا نظاماڻي کي ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل تي سوار ٽن هٿياربندن نشانو بڻايو، کيس سخت زخمي حالت ۾ تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس موجب مقتول جي سيني ۾ ٽي گوليون لڳيون هيون. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو ۽ ويجهين سي سي ٽي وي ڪيمرائن مان فوٽيج حاصل ڪيا. پوليس موجب، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، قتل جي واقعي کانپوءِ ڏهڪاءَ جي صورتحال ڇائنجي وئي.