گولاڙچي( رپورٽ :عيدن زندپور)6 نوان ڪئنال ٺاھي سنڌو درياھ تي ڌاڙي ۽ زمينن جي نيلامي خلاف گولاڙچي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن باءِ پاسچوڪ کان پيادل مارچ ڪري شھر جي مختلف علائقن مان مان ٿيندو شھيد فاضل راھو چوڪ تي پھتو جتي جلسه عام تبديل ٿي ويو پيادل مارچ ۾ عورتن پڻ تعداد ۾ شرڪت ڪئي، مارچ ۾ بچل احمداڻي، رشيد گوپانگ شازيه احمداڻي،بختاور جمالي،گيانچند مھيشوري،اصغر نوتڪاڻي،عبدالله چانڊيو،لاڻو ڀيل،يوسف لاشاري،سانول گوپانگ لالچند ڀيل، حسين درس، سڪندر ڪاٺٻانڀڻ، سومار سولنگي، اسماعيل مھيري،علي اڪبر کوسو ۽ ٻيا شامل ھئا. جلسي عام کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌين سان دوکو ڪيو ويو آهي. حڪمران سنڌ جي عوام کي ڏٽا ۽ سکڻا دلاسا ڏئي سنڌو درياھ تي ڪئنال ٺاھين پيا ۽ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون تين وال ڪن پيا. جڏھن ته سنڌ جي پيرن ھيٺان زمين پئي نڪري پر حڪمران سنڌ جي عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ واھ واھ ۽ مبارڪون مبارڪون جون صدائون ھڻيو جشن پيا ملھائين، پٺيان ڪئنالن جو ڪم جاري آھي ۽ سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي الاٽ پيون ٿين،هن چيو ته سنڌيو ميدان تي نڪرو، ناٽڪن کي ٿڏي ڇڏيو، سازشن کي رد ڪري ڇڏيو، جدوجهد جو ھڪڙو طريقو آهي رستن، گھٽين، مين روڊن تي مسلسل ھلندا رھو ڪنهن به ڊرامي ڪنهن به ھٿ ناٽ جو شڪار نه ٿيو ڪنهن به ڪوڙي خوشخبري کي چيڪ ڪرڻ کانسواءِ ان جي پويان نه لڳو هن چيو ته سنڌ ۾ ڪو ڊيم ڪونه ٺاھيو ويو آهي جنهن ۾ برسات جو پاڻي اسٽور ٿئي، بلوچستان مان جيڪو ٻوڏ جو پاڻي اچي ٿو اھو گڏ ڪري سنڌ جي ماڻهن کي ڏجي، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وفاقي يونيورسٽيون نٿيون ٺھن سنڌ ۾ روزگار جا موقعا ناهن، ليپ ٽاپ به لاھور جي شاگردن لاءِ آھن اليڪٽرڪس موٽر بائيڪس به لاھور جي شاگردياڻين لاءِ آھن اوورسيز پاڪستانين جي پروگرام ۾ پنجاب جا ماڻهو آھن انڊسٽري گجرانوالا، سيالڪوٽ ۽ فيصل آباد ۾ لڳندي سنڌ جي ڪوٽڙي، گھوٽڪي، ڌاٻيچي ۽ نوري آباد جي انڊسٽري بند ڪبي سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ صنعتون نه لڳنديون اھي پاڪستان جي مفاد ۾ ناهن، صنعتون لاھور ۾ لڳنديون اھي ملڪ جي مفاد ۾ آھن ڊيم به پنجاب ۾ ٺهندو ته ملڪ جي مفاد آھي ۽ سنڌ ۾ بئراج نه ٺهندو اھو ملڪ جي مفاد ۾ ناھي،هن چيو ته جيڪو ماڻهو ڪيٽي بندر ويندو ان جي تلاشي ٿيندي، جيڪو سلام ڪوٽ ۽ ننگر پارڪر ويندو ان جي تلاشي ورتي ويندي لاھور سميت پنجاب جا شھر خوبصورت ٺھندا اتي ڪاٽيج انڊسٽري ھڻبي اتي صنعتون ٺھنديون ۽ سنڌين کي ڏبي بک، پنڻ جا پروگرام ۽ انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪارڊ ۽ پوءِ ان جي عيوض چوندا ته ووٽ ڏيو،هن چيو ته درياءَ سان گڏ سنڌ جون زمينون بچائڻيون آھن. درياءَ اسان کي کپي ھن ڌرتي لاءِ، ڪارپوريٽ فارمنگ ختم نه ٿئي ۽ ھي ڌرتي اسان کان کسي وئي ته پوءِ خالي درياءَ اسان کي جانور وينجھارڻ لاءِ کپي ڇا؟يا درياءَ اسان کي ٽٻيون هڻڻ لاءِ گھرجي ڇا اسان کي درياءَ ۽ درياءَ جو پاڻي کپي ھن ڌرتي لاءِ، تنھنڪري پھرين ھي ڌرتي بچڻ کپي ۽ ان ڌرتي کي بچائڻ لاءِ سنڌي سڀ گڏ آھيون، ٽن صوبن کي ريگستان بڻائي هڪ صوبي کي سرسبز بڻائڻ ڪٿي جو انصاف آهي؟ هن چيو ته سنڌي غلام ناهن ھو پنهنجي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ۽ ڪارپورٽيٽ فارمنگ جي نالي سان زمينن تي قبضو ٿيڻ ڏيندا. ھي وقت ڳاٽ اوچو ڪري، جھر جھنگ سجاڳ ڪرڻ ۽ گھٽي گھٽي ۾ مزاحمت ڪرڻ جو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ بک، بدامني ۽ غربت ۾ گھيريل آهي وفاقي سيڪريٽريٽ ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ سنڌ جي ڪا به نمائندگي ناهي وفاق سمجهي ته سنڌ جي عوام جي صبر جو پیمان ختم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جي عوام جون شڪايتون ڇو نه ٻڌي رهيون آهن؟ سنڌ پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ حقيقي جمهوريت چاهي ٿي، هن چيو ته پاڪستان جي عوام جي حقيقي نمائندگي ڪرڻ واريون اسميبليون موجود ناهن اسميبليون چورن ڌاڙيلن ڦورن جي حوالي آھن،سنڌ جي هاري ناري مزدور کي ماني لاءِ محتاج بڻايو ويو آھي، پيپلزپارٽي سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، زرداري، شهباز شريف پنهنجي عارضي مفادن جي لاءِ فيڊريشن کي نقصان پهچائڻ بند ڪن