جنگ جي دز ۾ ڪئنالن ۽ بلوچستان مسئلن جو ذڪر نه پيو ٿئي:عائشه صديقه

نيويارڪ/لنڊن(رضا رومي)ناليواري ليکڪه ڊاڪٽر عائشه صديقه خرم حسين جي ڊان اخبار ۾ ڇپيل ڪالم جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جا دفاعي خرچ وڌي رهيا آهن. ماڻهو وڏي ڳالهه ڪن ٿا ته ”گاهه کائي به ملڪ بچائينداسين“، پر واقعي ڇا اسان گاهه کائڻ لاءِ تيار آهيون؟ زميني حقيقتون واضح آهن. سنڌ ۾ ڪئنالن جو مسئلو آهي، بلوچستان جا الڳ مسئلا آهن، پر جنگ جي دز ۾ انهن جو ذڪر ئي نه پيو ٿئي. عارضي قوم پرستي جي لهر بعد وري اهي مسئلا سامهون ايندا،هن چيو ته هن جنگ جي سڀ کان وڏي قيمت اها آهي ته پاڪستان جو سياسي نظام وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو آهي. سياسي پارٽين وٽ هاڻ ساهه کڻڻ جي جاءِ نه رهي آهي. 2013 ۾ ڪابينا جي دفاعي ڪميٽي بي اثر بڻائي وئي هئي. پرڏيهي وزير ۽ ناڻي وارو وزير رهندڙ سرتاج عزيز مرحوم چيو هو ته اسان وٽ صلاحيت ئي ناهي. پر صلاحيت ته وقت سان وڌي سگهجي ٿي، پر هاڻ ته پارليامينٽ جي هٿ ۾ به ڪوبه اختيار ناهي،هن چيو ته سياسي نمائندا سوال ئي نه ٿا ڪري سگهن ته ايترو دفاعي بجيٽ وٺي ڇا حاصل ڪيو آهي،بحران هميشه نئين امڪانن جا در کولين ٿا. ٽرمپ جي ٽياڪڙي يا دبئي، بينڪاڪ يا لنڊن جهڙن هنڌن تي ڳالهين جو آغاز ممڪن آهي. مودي پنهنجي ساک ٻيهر وڃائڻ جي ڊپ کان شايد فوري طور ٻيهر حملو نه ڪري. جيڪڏهن ڪي ڳجهي يا اعليٰ سطح تي ڳالهيون ٿين ته پاڻي، ڪشمير، واپار وغيره تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. البته، مودي جي پوزيشن ڏسي امڪان گهٽ آهن، ٻئي پاسي پاڪستان ۾ ڪي گروهه اهڙا به آهن، جيڪي حڪومت جي مرضي کانسواءِ به قدم کڻي سگهن ٿا،هن چيو ته بي ايل اي نئون رجحان ناهي. 1945، 1947، 1948 ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ بلوچستان ۾ بغاوتون ٿيون هيون، جن سان ڀارت جو ڪو واسطو نه هو. پر اڄ ڀارت ان مان سياسي فائدو وٺي رهيو آهي، ممڪن آهي ته پيسا ۽ معلومات به ڏئي رهيو هجي، پر اها پراڻي مزاحمت آهي، جيڪا پاڪستان جي اندروني مسئلي مان اڀري آهي،هن چيو ته هزارين ماڻهن ٻنهي طرفن کان امن لاءِ آواز اٿاريو آهي. جنگ ڪنهن جي حق ۾ ناهي، ڳالهه ٻولهه لازمي آهي. پاڪستان کي هاڻ عالمي برادريءَ جي ڪجهه مدد ملي آهي، پر اها مستقل نه آهي. ڇهه مهينا بعد صورتحال بدلجي سگهي ٿي،هن چيو ته اهو خيال ته جنگ ٽئين ڌر جي مداخلت کانسواءِ روڪي وئي آهي، ان ڳالهه کي مضبوط بڻائي ٿو ته هاڻ ٽئين ڌر جي ثالثي کي قبولڻ گهرجي. سعودي عرب، قطر جهڙا ملڪ يا اقوام متحده نئون فورم بڻجي سگهن ٿا ته جيئن ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، سومر 19 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.