نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جو سيٽلائيٽ مشن ٽيڪنيڪي خرابي سبب ناڪام ٿي ويو ۽ مدار ۾ نه پهچي سگهيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب انڊين خلائي تحقيقاتي اداري (اسرو) جي نئين سيٽ لائيٽ EOS-09 کي زمين کان مدار ۾ موڪلڻ جو مشن ان وقت ناڪام ٿي ويو، جڏهن لانچنگ جي ٽئين مرحلي ۾ ٽيڪنيڪي خرابي پيش آئي.
اسرو جي سربراهه وي نارائڻ ٻڌايو ته ٽئين مرحلي دوران راڪيٽ جي موٽر ڪيس ۾ چيمبر پريشر گهٽ ٿي ويو، جنهن سبب مشن مڪمل نه ٿي سگهيو.
You might also like