رڳو هڪ گلاس! نوجوانن ۾ وڌندڙ ڪينسر جا خطرا گهٽائيندڙ سولو علاج

جوان ماڻهن ۾ تيزيءَ سان ڦهلجڻ ڪينسر، خاص طور تي آنڊن، معدي ۽ ٻين عضون جي ڪينسر، جي شرح ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

آنڊن جي ڪينسر دنيا ۾ ٽئين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ عام ڪينسر آهي، پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ان آنڊن جي ڪينسر مان جند ڇڏائڻ لاءِ سولو طريقو ڪهڙو آهي. هڪ اهڙي شيءِ موجود آهي، جيڪا لڳ ڀڳ هر گهر ۾ ملي ٿي ۽ اها ان لاءِ سولو علاج ثابت ٿيندي آهي.

روزانو هڪ گلاس کير پيئڻ سان توهان آنڊن جي ڪينسر کان بچڻ ۾ مدد حاصل ڪري سگهو ٿا.

برطانيه ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق موجب، روزانو کير پيئڻ سان آنڊن جي ڪينسر جو خطرو گهٽجي وڃي ٿو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته آنڊن جي ڪينسر جا 54 سيڪڙو ڪيس صحتمند طرز زندگي اختيار ڪرڻ، سگريٽ نوشي کان بچڻ، جسماني سرگرمين ۾ شامل ٿيڻ، الٽرا پراسيس کاڌن کان پري رهڻ ۽ صحيح خوراڪ اختيار ڪرڻ سان روڪي سگھجن ٿا.

هن تحقيق لاءِ 5 لک 42 هزار کان وڌيڪ عورتن جي جينياتي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو ۽ ان ۾ ڊي اين اي ۾ ٿيندڙ ننڍين تبديلين کي ڏٺو ويو.

ٻئي مرحلي ۾، ماهرن انهن عورتن جي غذا جي تفصيل ۽ کير پيئڻ جي عادت تي ڌيان ڏنو.

ان ٻن ڊيٽا سيٽس کي گڏ ڪرڻ سان، ماهرن کي کير پيئڻ سان آنڊن جي ڪينسر تي اثر جو بهتر اندازو لڳائڻ ۾ مدد حاصل ٿي.

نتيجن مان انڪشاف ٿيو ته جيڪي ماڻهو روزانو 244 گرام کير (هڪ وڏو گلاس) پيئن ٿا، انهن ۾ آنڊن جي ڪينسر جو خطره 17 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي.

اهو پڻ ثابت ٿيو آهي ته کير جي ڪنهن به قسم يعني سڻڀ وارو يا بنا سڻڀ وارو کير، آنڊن جي ڪينسر کان بچاءَ لاءِ فائديمند آهي.

محققن اهو پڻ ٻڌايو آهي ته کير پيئڻ کان حاصل ٿيندڙ تحفظ ٻين غذائي جزن ۽ طرز زندگي جي عادتن کان آزاد آهي، مطلب ته کير پيئڻ سان ڪينسر جو خطرو گهٽڻ جو سبب رڳو غذا ۾ تبديلي ناهي، ان جي باوجود به ڪينسر جو خطرو گهٽجي وڃي ٿو.

جيتوڻيڪ تحقيق ۾ کير پيئڻ سان آنڊن جي ڪينسر ۾ گهٽتائي جي اصل سببن جو پتو ناهي لڳو، پر ماهرن پنهنجا خيالات ضرور ڏنا آهن.

انهن ٻڌايو ته کير ڪيلشيم جو بهترين ذريعو آهي، جيڪو اڳ ۾ ئي تحقيقاتي رپورٽن ۾ آنڊن جي ڪينسر جي خطري کي گھٽائڻ لاءِ فائديمند جز قرار ڏنو ويو آهي.

انهيءَ کانسواءِ کير ۾ وٽامن ڊي موجود آهي، جيڪو ڪينسر کان بچاءَ لاءِ اهميت رکندو آهي ۽ اهو گهرڙن جي وڌڻ ۽ ورهاڱي کي منظم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

ماهرن اهو به ٻڌايو ته کير ۾ هڪ اهڙو فيٽي ايسڊ موجود آهي جيڪو ڪينسر سان جنگ ۾ مدد ڏيندو آهي.

تحقيق ۾ اهو پڻ ڏٺو ويو ته الڪوحل کان بچڻ ۽ تيز پڪل/اڳواٽ پڪل گوشت جو گهٽ استعمال به آنڊن جي ڪينسر کان بچاءَ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي.

هن تحقيق جا نتيجا جرنل نيچر ڪميونيڪيشنز ۾ شايع ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.