جيڪڏهن توهان جا ڏند ڦڪا ٿي رهيا آهن، ته شايد اهو توهان جي ڪنهن عادت جو نتيجو آهي.
جيڪڏهن توهان پنهنجن ڏندن جو سٺو خيال رکندا آهيو، پر پوءِ به انهن جو موتين جهڙو اڇو رنگ ڦڪو ٿيڻ لڳي ته شايد اهو توهان جي ڪنهن عادت يا غلطي جي ڪري ٿي رهيو آهي.
اها دعويٰ آمريڪا جي هڪ ڊينٽسٽ، ڊاڪٽر زينب ميڪي، پنهنجي ٽڪ ٽاڪ ويڊيو ۾ ڪئي آهي.
ڊاڪٽر زينب ٻڌايو ته گهڻا ماڻهو سمجهن ٿا ته هو پنهنجن ڏندن جي صحت لاءِ بهتر ڪم ڪري رهيا آهن، پر حقيقت ۾ اهي وڏيون غلطيون ڪري رهيا هوندا آهن، جنهن سبب سندن ڏند اڇا ٿيڻ بدران ڦڪا ٿيڻ لڳندا آهن.
ڏندن کي اڇو رکڻ لاءِ توهان ڪجهه عام شيون ڪري سگهو ٿا، جيئن روز برش ۽ گرڙيون ڪرڻ، يا اهڙين شين کان پاسو ڪرڻ جيڪي ڏندن تي داغ وجهي سگهن. پر جيڪڏهن توهان اڳ ۾ ئي اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهيو ۽ پوءِ به ڏندن جو رنگ خراب ٿي رهي آهي، ته پوءِ؟
ڊاڪٽر زينب موجب اهو توهان جي پنهنجي ڪنهن عادت يا غلطي جي ڪري ٿيندو آهي.
وڌيڪ زور سان برش ڪرڻ جي عادت
رياست مشيگن سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر زينب ٻڌايو ته جيڪڏهن ڏند ڦڪا ٿي رهيا آهن، ته شايد ان جو سبب توهان جو ڏندن تي تمام گهڻو زور سان برش ڪرڻ هجي.
ڏندن جي مٿان اڇو تهه، جيڪو مختلف مسئلن کان بچائيندو آهي، وقت سان گڏ ختم ٿيڻ لڳندو آهي، خاص طور تي جيڪڏهن توهان ڏندن تي تمام گهڻي طاقت سان برش ڪندا آهيو.
جارحاڻي انداز ۾ برش ڪرڻ سان اهو حفاظتي تهه تيزي سان ختم ٿي وڃي ٿو، جنهن سان نه رڳو ڏند ڦڪا ۽ حساس ٿين ٿا، پر پلاڪ گڏ ٿيڻ جو خطرو پڻ وڌي وڃي ٿو، ۽ ڪجهه ڪيسن ۾ ڏندن جي محرومي به ٿي سگهي ٿي.
طرز زندگي ۽ غذا جو اثر
ڊاڪٽر زينب ٻڌايو ته توهان جي طرز زندگي ۽ غذا پڻ ڏندن جو رنگ تي وڏو اثر وجهن ٿا.
جيڪڏهن توهان سگريٽ پيئندا آهيو ، ڪجهه مخصوص دوائون کائيندا آهيو، يا ميون جا رس ۽ سوڊا مشروبات استعمال ڪندا آهيو، ته پوءِ ڏندن جي ڦڪي رنگ تي حيراني نه ٿيڻ گهرجي.
اهڙيءَ ريت مٺا يا تيزابي شربت پڻ ڏندن جي خراب حالت جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته پنهنجي کلڻ جي چمڪ برقرار رکڻ لاءِ ڏندن تي تمام گهڻي زور سان برش ڪرڻ کان پاسو ڪريو ۽ سافٽ ڊرنڪس يا جوسز کان پرهيز ڪريو.