اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي پاڪ فوج ۽ عوام سان يڪجهتي لاءِ لائن آف ڪنٽرول پهچي ويو.
شاهد آفريدي جي ليپا وادي ۾ شاندار آجيان ڪئي وئي، اڳوڻي ڪپتان شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، هن ليپا ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ نوجوانن سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي صحيح ٿيل بيٽون به ورهايون.
ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته جيڪڏهن ڀارت ٻيهر جارحيت جي ڪوشش ڪئي ته ائين ئي ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
You might also like